سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي گهرو وزير جو بيان رد، جائز حق لاءِ سمورا قدم کڻنداسين: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پاسي کان سنڌ طاس معاهدي جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو.
ڀارتي گهرو وزير پاران سنڌ طاس معاهدي جي بحالي کي مڪمل طور رد ڪرڻ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اهو بيان عالمي معاهدن جي تقدس جي واضح ڀڃڪڙي ۽ انتهائي سنگين بي حسي جي عڪاسي ڪري ٿو، سنڌ طاس معاهدو ڪو سياسي ٺاهه ناهي پر هڪ عالمي معاهدو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به هڪ طرفي قدم جي ڪا گنجائش ناهي.
هن چيو ته ڀارت پاران معاهدي کي معطل ڪرڻ جو غير قانوني اعلان عالمي قانون، معاهدي جي شقن ۽ رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن بابت بنيادي اصولن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.
ترجمان چيو ته اهڙي رويي سان هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ غير ذميوار روايت قائم ڪئي پئي وڃي، جيڪا عالمي معاهدن جي ساک کي نقصان رسائي ٿي ۽ اهڙي رياست جي سنجيدگيءَ تي سوال اٿاري ٿي، جيڪا سرعام پنهنجي قانوني واعدن تان ڦري رهي آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڻي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ غير ذميواراڻو عمل آهي، جيڪو عالمي سطح تي تسليم ٿيل رياستي اصولن جي ابتڙ آهي، ڀارت کي گهرجي ته فوري طور پنهنجي هڪ طرفي ۽ غير قانوني موقف تان هٿ کڻي ۽ سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل ۽ بنا رنڊڪ عملدرآمد کي بحال ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.