نئين هجري سال جي شروعات ۽ عاشوري جي ڏينهن جي اڳڪٿي سامهون اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته نئين هجري سال 1447 جي شروعات 27 جون کان ٿيندي ۽ عاشوري جو ڏينهن 6 جولاءِ تي هوندو.
پنهنجي بيان ۾ خالد اعجاز مفتي چيو ته نئون چنڊ اربع 25 جون تي پاڪستاني وقت موجب ٻيپهري کانپوءِ 3 لڳي 32 منٽن تي پيدا ٿيندو، 29 ذوالحج 26 جون تي سج لٿي وقت چنڊ جي جيڪا عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، اها پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ ساڍن 27 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ٿي چڪي هوندي ۽ پاڪستان جي جنهن به حصي ۾ آسمان صاف هوندو ته چنڊ آساني سان نظر اچي ويندو.
هن چيو ته ان حساب سان پاڪستان ۾ پهرين محرم الحرام نئين هجري سال 1447 جي شروعات جمعي 27 جون کان ٿيندي ۽ عاشوري جو ڏينهن 10 محرم الحرام آچر 6 جولاءِ تي هوندو.
هوڏانهن مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 26 جون تي ڪوئيٽا ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.