لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي 9 مئي 2023 بابت هڪ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي.
اهو فيصلو ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٻڌڻي دوران جج منظر علي گل جي عدالت ٻڌايو.
گذريل ڏينهن اي ٽي سي لاهور ۾ شاهه محمود قريشي طرفان راڻا مدثر عمر ۽ بيرسٽر تيمور ملڪ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا هئا.
شاهه محمود قريشي ڪيترائي مهينا اڳ شادمان ٿاڻو ساڙڻ جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.
Next Post
You might also like