پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس وڌيڪ گهٽائڻ جي تجويز منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پگهادار طبقي تي انڪم ٽيڪس ۾ تبديلي جي تجويز منظور ڪري ورتي.
چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ انڪم ٽيڪس تجويزن جي شق وار منظوري تي غور ڪيو ويو، ڪميٽي پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس ۾ تبديلي جي تجويز منظور ڪري ورتي.
ڪميٽي 6 لک کان 12 لک سالياني آمدني تي انڪم ٽيڪس 2.5 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي آهي.
ان کانسواءِ ڪارپوريٽ سيڪٽر تي سپر ٽيڪس ۾ 0.5 سيڪڙو گهٽتائي جي تجويز به منظور ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.