اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبيل امن انعام 2026 لاءِ نامزد ڪرڻ جي سفارش تي ردعمل ڏيندي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق سخت تنقيد ڪئي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ سعد رفيق چيو ته ”جنهن کي چارو وجهي رهيا آھيو، اھو کائيندو به ۽ اٽون به هڻندو.“
هن ايران خلاف اسرائيلي جارحيت تي تنقيد ڪندي چيو ته” صهيونيت هڪ شيطاني لشڪر آهي ۽ ان جو هر سهولتڪار ۽ مددگار انسانيت، امن ۽ انصاف جو دشمن آهي.“
سعد رفيق لکيو ته ” غزا ۽ ايران تي جنگ مڙهڻ وارا ۽ سندس سرپرستي ڪندڙ رڳو مذمت ۽ مزاحمت جا حقدار آهن.“
هن چيو ته، “اسرائيل مسلم دنيا جي دِل کُپي ويل خنجر آهي، جيڪو آمريڪا جي هنج ۾ ويهي، بار بار اسان کي زخمي ڪري رهيو آهي.“
”جنهن کي چارو وجهي رهيا آهيو، اهو کائيندو به ۽ اٽون به هڻندو“ ٽرمپ لاءِ نوبيل انعام جي درخواست تي سعد رفيق جو ردعمل
You might also like