مسلمانن جو اتحاد وقت جي ضرورت آهي، اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃو: ترڪ صدر

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته مسلمانن جو اتحاد وقت جي سڀ کان اهم گهرج آهي ۽ اهو وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجا اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي وڃون.
استنبول ۾ اسلامي سهڪاري تنظيم (او آءِ سي) جي خاص اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو صدر اردگان چيو ته نيتن ياهو هن وقت جي هٽلر وانگر آهي، پوري خطي کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل غزا ۾ فلسطيني عوام تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته نيتن ياهو جي حڪومت خطي ۾ امن لاءِ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، يمن، شام ۽ ليبيا کانپوءِ هاڻي اسرائيل ايران تي به جارحيت ڪئي آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ترڪ قوم ايراني ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.
ترڪ صدر چيو ته مسلمانن کي هاڻي پنهنجي صفن ۾ اتحاد آڻڻو پوندو، ڇو ته خطو وڌيڪ تباهي بردشت نٿو ڪري سگهي، عالمي برادري کي گهرجي ته هو اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي فوري طور تي روڪڻ لازمي آهي.
اردگان موجب، اسرائيل پوري خطي تي قبضي جو ارادو رکي ٿو ۽ سندس هٿ مسلمانن جي رت سان رڱيل آهن، نيتن ياهو هٽلر جيان خطي کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي، جڏهن ته ان مسئلي جو واحد حل سفارتڪاري ۽ ڳالهين ۾ آهي.
ترڪ صدر ان سانگڏوگڏ فلسطين لاءِ ٻه رياستي جي حل جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ چيو ته خطو هاڻي وڌيڪ جنگ يا سياسي افراتفري برداشت نٿو ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.