تهران/تل ابيب/نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان ايراني شهر اصفهان ۾ موجود ائٽمي سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ايراني اختيارين موجب اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ڪو به خطرناڪ مواد ليڪ ناهي ٿيو.
ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل طرفان ايران جي شهر اصفهان ۾ جوهري ٿاڪ تي حملو ڪيو ويو.
اصفهان جي نائب گورنر موجب لنجان، مبارڪا، شهريزا ۽ اصفهان جا علائقا نشانو بڻيا، جڏهن ته تازن حملن ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق نه ٿي آهي.
رائٽرز جي رپورٽ موجب، اسرائيلي بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته سندن حملن ۾ قدس فورس جو سربراهه سعيد يزد مارجي ويو آهي، جنهن کي هڪ اپارٽمينٽ تي ڪيل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو.
ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران طرفان قدس فورس جي سربراهه جي شهادت جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
اسرائيلي فوج پنهنجي تازي حملي ۾ هڪ وڌيڪ ايراني جوهري سائنسدان کي سندس زال سميت شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسرائيلي ايمرجنسي سروس موجب، ڊرون حملي ۾ ٻه ماڙ عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جتي ايراني سائنسدان پنهنجي زال سان گڏ موجود هو.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ان حملي ۾ پاسدارانِ انقلاب جي قدس فورس جي هٿيار منتقلي يونٽ جي ڪمانڊر بهنام شهرياري کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو.
صهيوني فوج موجب، بهنام شهرياري ايران کان وچ اوڀر ۾ ايران جي حمايت يافته گروهن کي هٿيار منتقل ڪرڻ جي سموري سرگرمين جو نگران هو.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران طرفان جوهري مواد جي تباهي کي روڪڻ لاءِ ان کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
ايران جو اسرائيل تي 18 هون حملو
هوڏانهن پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ايران اسرائيل تي 18هون حملو ڪيو هو، جنهن ۾ بن گوريان ايئرپورٽ سميت مختلف فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.
رات دير سان ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل اسرائيل جي علائقي ڊين گش ۾ ڪِريا، جتي هڪ رهائشي عمارت کي ميزائل جا ٽڪرا لڳڻ سبب باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته اڃا تائين ان واقعي ۾ جاني نقصان جي تصديق ناهي ٿي، پر مالي نقصان جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان حملي جي جواب ۾ اسرائيلي ايئرفورس ايران جي مرڪزي علائقن ۾ ميزائل اسٽوريج ۽ لانچنگ انفرااسٽرڪچر تي حملا ڪيا هئا.
عالمي برادري جنگ بندي جي اپيل ڪري ڇڏي
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دنيا کي وڏي بحران ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران گوتريس چيو ته جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته اهڙي باهه ڀڙڪي سگھي ٿي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته موجوده ڇڪتاڻ جو مرڪزي نقطو جوهري مسئلو آهي، جڏهن ته ايران ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته هو جوهري هٿيار ٺاهڻ نٿو چاهي، پر ان معاملي ۾ اعتماد جي کوٽ آهي.
سيڪريٽري جنرل ڌرين کي اپيل ڪئي ته هو ويڙهه بند ڪن ۽ سفارتي ڳالهين ڏانهن واپس اچن.