ايران-اسرائيل جنگ ۾ آمريڪي مداخلت ” انتهائي خطرناڪ “ هوندي: عباس عراقچي

استنبول (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي خبردار ڪيو آهي ته سندن ملڪ اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿو ڪري سگهي، جڏهن اسان جي عوام تي بمباري جاري هجي.
استنبول ۾ اسلامي سهڪاري تنظيم ( آءِ او سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عباس عراقچي دعويٰ ڪئي ته آمريڪا پهرئين ڏينهن کان ئي هن جارحيت جو حصو رهيو آهي.
هن خبردار ڪيو ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا جي مداخلت ”انتهائي خطرناڪ“ ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري ماضيءَ ۾ به لاڀائتي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اسان واقعي سفارتي حل چاهيون ٿا ته پوءِ اها جارحيت بند ٿيڻ گهرجي.“
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ هفتي ايران تي حملي جي منظوري ڏني هئي، پر بعد ۾ هن ايران کي پنهنجو ائٽمي پروگرام تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي سان فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو.
عباس عراقچي چيو ته اسان پنهنجو ائٽمي پروگرام جي مسئلي تي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون.“
ياد رهي ته 2015ع ۾ ايران پنهنجو ائٽمي پروگرام محدود ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪو ڪيئي ورهين ڇڪتاڻ کانپوءِ عالمي طاقتن سان طئي ٿيو هو، ان ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب ايران طرفان مبينا طور ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جون ڪوششون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.