واشنگٽن (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان وٽ آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ جي شعبي ۾ اڻ ڳڻيا موقعا آهن. هن چيو ته ڪي علائقائي عنصر "هائبرڊ وارفيئر” جي صورت ۾ دهشتگردي کي وڌائي رهيا آهن. فيلڊ مارشل چيو ته محفوظ ۽ پرامن دنيا لاءِ پاڪستان جو ڪردار نه رڳو واضع آهي، پر عملي به آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ڊي سي ۾ سينيئر عالمن، تجزيي نگارن، پاليسي ماهرن، عالمي ميڊيا، دانشورن ۽ دفاعي ماهرن جي نمائندن سان تفصيلي ۽ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف آمريڪا ۾ ممتاز ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي ادارن سان پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. نمائندن سان هن ملاقات اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور تي بيان ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي نظام ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آرمي چيف حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان مرصوص تي به تفصيلي روشني وڌي. آرمي چيف عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، ۽ پاڪستان وٽ آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ ۾ بيشمار موقعا آهن.