پنجاب موجن ۾، سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي کوٽ وڌي وئي

ڪراچي(رپورٽر)جون جو پهريون ڏهو شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي کوٽ وڌي ويئي، اڳواٽ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ 26 سيڪڙو ٿي ويئي آهي جڏهن ته ارسا،پنجاب ۽ واپڊا ڊيم ڀرڻ ۽ ٻوڏ وارن ڪئنالن ۾ پاڻي کڻڻ تي بضد بڻيل آهن، ان حوالي سان روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي کوٽ وڌي 26 سيڪڙو ٿي ويئي آهي، جون جي پهرين ڏهي ۾ 1991ع واري پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي 98 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي پر ارسا جي سنڌ دشمن پاليسين سبب سنڌ کي اڳواٽ پاڻي نه ڏيڻ جي ڪري سنڌ جي بئراجن کي فقط 72600 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو آهي، جيڪو مقرر حصي کان 26100 ڪيوسڪ گهٽ آهي، ارسا پارن جون جي ٻي ڏهي کي مد نظر رکندي اضافي پاڻي ناهي ڇڏيو ويو جنهن ڪري جون جي ٻي ٽين ڊيليز ۾ وري به کوٽ ٿيڻ جا امڪان موجود آهن، هوڏانهن پنجاب ۽ ارسا ٻوڏ وارن ڪئنالن سميت ٻين ڪئنالن ۾ اضافي پاڻي کڻڻ ۽ واپڊا ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ تي بضد بڻيل آهن، پنجاب تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 19613 ڪيوسڪ ۽ ٻوڏ واري تڪراري ڌاڙيل تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال ۾ 12000 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو آهي ان کانسواءِ ٿل ڪئنال جي کڻت وڌائي 7766، مظفڙ ڳڙھ جي 8000 هزار، ڊيرا غازي خان ڪئنال جي کڻت 7000 هزار سي آر بي سي ۾ پنجاب لاءِ 1900 ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 700 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي پنجاب رڳو سنڌو درياھ تان 56 هزار 979 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي جڏهن ته جهلم درياھ تان کڻت گهٽائي ڇڏي آهي جتي ايندڙ 40200 مان 17900 ڪيوسڪ پنجاب ڪئنالن ۾ کڻي باقي 22300  ڪيوسڪ پاڻي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو آهي ۽ چناب درياھ ۾ ايندڙ سمورو پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي، هن وقت تائين 4 ڏهائي 705 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽو ۽ وچولو خريف شديد متاثر ٿيو آهي ته ٻي پاسي سنڌ ۽ پاڪستان جي پڇاڙي وارن ضلعن جنهن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ٺٽي ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي جتي پيئڻ جو پاڻي به ناهي، هوڏانهن سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ 26 سيڪڙو ٿي ويئي آهي بئراج وائيز  گڊو بئراج کي 22700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي ها پر اتي فقط 11300 ڪيوسڪ پاڻي ڪئنالن کي ڏنو ويو جنهن ڪري گڊو تي پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو آهي جيڪا اڄ گهٽجڻ جو امڪان آهي، سکر بئراج کي 49100 ملڻ کپي ها پر اتي جي ڪئنالن کي فقط 40 هزار 400 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جنهن ڪري سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 18 سيڪڙو ٿي ويئي آهي .۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي جون جي پهرين ڏهي ۾26700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي ها پر اتي سمورن ڪئنالن کي 22855 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 22  سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي ، هوڏانهن رڳو مئي جي آخري ڏهي ۾ تونسا کان گڊو تائين سنڌ جي حصي جو  ٽي لک 28 ھزار ايڪڙ فٽ پاڻي چوري ٿي ويو آهي پر ان تي سنڌ سرڪار ارسا ۽ سنڌ ۾ ارسا جي نمائندي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.