ٽين عالمي جنگ لاءِ صف بندي مڪمل، خطو جنگ جو ميدان بڻجندو؟

اسلام آباد (امتياز گل) وچ اوڀر ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جاري آهي، جڏهن ته عالمي طاقتون جنگ لاءِ صفبنديمڪمل ڪري چڪيون آهن. آمريڪا طرفان پنهنجو جنگي ساز سامان وڏي مقدار ۾ وچ اوڀر منتقل ڪيو ويو آهي، اسٽيلٿ ۽ ڪارگو جهاز هوائن ۾ مسلسل گهمي رهيا آهن، جتي اڳ ئي آمريڪا جا 8 اڏا موجود آهن. نيٽو ملڪ اسرائيل جي مڪمل حمايت ڪري رهيا آهن، سياسي بيانن سان گڏ فنڊ ۽ هٿيار به مهيا ڪري رهيا آهن. آمريڪا ٽرمپ جي قيادت هيٺ ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن خلاف بنڪر بسٽر بم سان ڪارروائي تي غور ڪري رهيو آهي، پر ان سان ريڊيئيشن جو عالمي خطرو به وڌي سگهي ٿو. برطانيا چيو آهي ته ڳالهين جو موقعو پيدا ٿي سگهي ٿو، پر آمريڪا جي تيارين مان لڳي ٿو ته جنگي واٽ وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي، روس ۽ چين سخت بيچينيءَ جو شڪار آهن. روس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن خامنا اي کي نشانو بڻايو ويو ته ردعمل انتهائي سخت هوندو. چين به واضح ڪيو آهي ته تماشائي نه بڻجنداسين. ايران، روس ۽ چين جي ويجهڙائي سبب پاڪستان لاءِ خطرو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي ڀرپور حمايت ڏني ته ٻنهي ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا. آمريڪا خاص طور ايران خلاف موقف ۾ پاڪستان کان مڪمل حمايت جي گهر ڪئي آهي. سوال اڀري ٿو ته ڇا پاڪستان آمريڪي اڏن جي فراهميءَ لاءِ راضي ٿيندو؟ ۽ اهو ڪهڙي قيمت تي ٿيندو؟ رپورٽ موجب، آمريڪي گهرج علامتي به ٿي سگهي ٿي ته جيئن پاڪستان ايران جي مدد نه ڪري. ساڳي وقت يوڪرين-روس جنگ اڳ ئي جاري آهي، جيڪا اصل ۾ نيٽو ۽ روس جي وچ ۾ طاقت جي جنگ آهي. ايران خلاف ٻي وڏي جنگ مڙهڻ جي صورت ۾ سمورو خطو نئين عالمي جنگ جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن عالمي توازن لاءِ فيصلائتا ٿيندا.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز،  ڇنڇر21 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.