پاڪستان سفارت ڪاري ۾ ڀارت کان گوءِ کڻي ويو، مودي جي پاليسي ناڪام

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڀارتي دفاعي معاملن جي ماهر پروين ساوني سماجي ميڊيا تي هڪ تفصيلي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي ڄاڻي واڻي جي-7 اجلاس کان پوءِ واشنگٽن وڃڻ کان انڪار ڪيو ته جيئن هو پاڪستاني فوجي سربراهه جنرل عاصم منير جي ٽرمپ سان ملاقات دوران موجود نه هجي. هن چيو ته جنرل عاصم منير هن وقت پاڪستان جو اڪيلو فيصلا ڪندڙ آهي ۽ اسرائيل-ايران جنگ جي پسمنظر ۾ ٽرمپ لاءِ مودي کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. هنن موجب پاڪستان ايران جو پاڙيسري آهي ۽ انهن چار نيوڪليئر ملڪن مان آهي جيڪي ايران سان گڏ بيهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، باقي ٽن ملڪن ۾ چين، روس ۽ اتر ڪوريا شامل آهن. جڏهن ته جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۽ پينٽاگون جي وچ ۾ لاڳاپا ڊگهي مدي وارا آهن. پاڪستان جا عرب ۽ مسلم دنيا سان ويجها ۽ اثرائتا لاڳاپا آهن ۽ جيڪڏهن خطي ۾ جنگ وڌي ته پاڪستان جي اهميت تمام گهڻي وڌي ويندي. هن ڀارت کي صلاح ڏني ته حقيقتن کي تسليم ڪري ۽ پاڪستان کي هڪ برابر جو فوجي مخالف سمجهي. ٻئي طرف برطانيا ۾ رهندڙ ڀاويڪا ڪپور، جيڪا پاڻ کي لبرل، سيڪيولر، جمهوري ۽ ترقي پسند ڀارت جي زوردار حامي سمجهي ٿي، تنهن ايڪس تي تبصرو ڪيوته ڪيترن ئي ماڻهن ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي تي سخت تنقيد ڪئي. پاڪستان ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد سميت ڪيترين ئي شخصيتن سندس تجزيي جي واکاڻ ڪئي ۽ پنهنجا رايا ظاهر ڪيا. ڀاويڪا ڪپور لکيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان اسان جو دشمن ملڪ آهي پر ان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي آمريڪا ۾ ڪامياب سفارتي ڪوششن تي داد ضرور ڏيڻ گهرجي. هن بنا گوڙ گهمسان جي ساڳئي وقت آمريڪا ۽ چين سان لاڳاپا بهتر طريقي سان نڀايا. اڄ ٻنهي عالمي طاقتن، يعني چين ۽ آمريڪا، جو رجحان پاڪستان جي حق ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ روس جي حمايت به پاڪستان کي حاصل ٿي رهي آهي. هن جي مطابق، هي سڀ ڪجهه ڀارتي حڪومت لاءِ پرڏيهي پاليسيءَ جي هڪ واضح ناڪامي آهي. هن بحث ۾ ارون ڪمار لکيو ته پاڪستان خاموشي سان شطرنج کيڏي، جڏهن ته مودي زور سان ڀنگڙو وڄايو. اسحاق ڊار سفارتڪاريءَ سان نتيجا حاصل ڪيا. سندس چوڻ هو ته مودي پنهنجن سڀني دشمنن کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته ڪالهه آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ پاڪستاني آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي ۽ اڄ بنگلاديش، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽن طرفي اجلاس ٿيو. ويزپنيت نالي يوزر ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي پاليسين کي شرمناڪ تباهي قرار ڏيندي چيو ته سندس وڏائي ۽ جارحاڻو رويو سفارتي سطح تي ڀارت لاءِ تباھ ڪن ثابت ٿيو آهي. هڪ ٻئي راءِ ڏيندڙ، جيڪو ڀارت ۾ شدت پسند قوم پرست خيالن لاءِ سڃاتو وڃي ٿو، اعتراف ڪيو ته مودي پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي بدران، پاڪستاني آرمي چيف عاصم منير لاءِ احترام جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.