ڪراچي( رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه بلاول چيو آهي ته مودي سنڌو درياءُ تي حملو ڪيو آهي، قوم پرست ڪاٿي آهن. . بلاول ڀٽو سفارتي مشن کانپوءِ ملڪ واپس آيو ته ڪراچي ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ، وڏي انگ ۾ جيالا پڻ موجود هئا.ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت جي ڪوشش هئي ته سفارتي سطح تي پاڪستان کي ناڪام ڪيو وڃي، پر مان چوان ٿو ته پاڪستان ڪامياب ٿيو ۽ بين الاقوامي ميڊيا تي پاڪستان جو بيانيون ڪاميابي سان مڃرايو ويو، جڏهن ته ڀارت جو بيانيون ناڪام ويو. بلاول چيو ته وزيراعظم ۽ صدر جي چوڻ تي پاڪستان جي وفد دنيا جي 4-5 ملڪن جو دورو ڪيو، جتي اسان پاڪستان، امن، ڪشمير ۽ سنڌو درياءُ سنڌ جو پيغام ڏنو. دهشت گردي بابت به اسان جو موقف گڏيل قومن، آمريڪا، لنڊن ۽ يورپي شهر برسلز تائين پهچايو. هن چيو ته جنگ دوران ڏيکاري ڇڏيو ته ڀارت اسان کان 7 ڀيرا وڏو هوندي به، جنهن طريقي سان پاڪ فوج هن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ان تي سڀني کي فخر آهي. بلاول چيو ته ڀارت جي ڪوشش هئي ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي، پر پاڪستان مسلسل محنت سان اها جنگ به کٽي ورتي. پاڪستان سچ سان گڏ بيٺو هو. جنگ کان اڳ ڀارت جو موقف هو ته ڪشمير ان جو اندوروني معاملو آهي، پر هاڻي ڀارت کي مڃڻو پيو آهي ته اهو عالمي مسئلو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪشمير حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي، جيڪا هڪ تاريخي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سنڌو درياءُ تي حملو ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو حملو ڪڏهن به نه ٿيو. مودي جي ڌمڪي ته هو پاڻي روڪيندو، اسان جنگ دوران به چيو هو ته جڏهن سنڌو درياهه جي ڳالهه ٿيندي ته پيپلزپارٽي هميشه پهرين صف ۾ هوندي.اسان اهڙي ڪا به ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن ڀارت سنڌو درياءُ تي اکيون وڌائيندو ته ٻي جنگ ٿيندي، ۽ ڀارت ٻيهر شڪست کائيندو. ان کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌ طاس معاهدي کي مڃڻو پوندو، جنهن مطابق 6 مان 3 درياهه پاڪستان جا آهن ۽ 3 ڀارت جا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته آمريڪي صدر جو فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي وائيٽ هائوس ۾ دعوت ڏيڻ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي آهي. جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردي جو حامي هجي ها ته سندس فِيلڊ مارشل کي آمريڪا نه سڏائي ها. اها دعوت ڀارت جي ناڪاميءَ جو اعتراف آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت سنڌو ڏانهن ميري اک وجهي ٿو ته پاڪستان ٻي جنگ لاءِ مڪمل تيار آهي. هن سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي کين ”سياسي يتيم“ قرار ڏنو ۽ چيو ته جڏهن ڀارت حملو ڪري رهيو هو، تڏهن اهي ڪٿي لڪي ويا هئا؟ هن چيو ته اهي احتجاج ڪري عوام کي گمراهه ڪن ٿا، پر سندن اصل نشانو پيپلز پارٽي آهي، سنڌو درياءُ رڳو هڪ بهاڻو آهي. هن الزام هنيو ته انهن سياسي قوتن جي پويان ڀارت جو هٿ آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي.