شاهوڪار زندگي گذارڻ لاءِ هي ست عادتون اختيار ڪيو

ڪو به غريب يا وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو بنا محنت جي نه ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو نه ئي کيس دولت پليٽ ۾ سجايل ملي سگهي ٿي، ڪاميابي لاءِ لازمي آهي ته ماڻهو وٽ سخت محنت، اڳتي وڌڻ جي خواهش ۽ ڪجهه نئون ڪري ڏيکارڻ جو جذبو هجي.
جيڪڏهن توهان به جلدي امير ٿيڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهرين ڪامياب ۽ امير ماڻهن جي زندگي جو مطالعو شروع ڪيو.
دنيا جي مشهور ڪتاب ”Rich Habits“ جي ليکڪ ٿامس ڪورلي پنجن سالن تائين امير ۽ غريب ماڻهن جي عادتن جو تفصيلي جائزو ورتو، جنهن مان هن امير ماڻهن جون خاص عادتون ڳولي ڪڍيون.
اچو ته انهن عادتن بابت ڄاڻون، جيڪي اوهان جي زندگي بدلائي سگهن ٿيون

1-آمدني جا 3 يا ان کان وڌيڪ ذريعا هجن
دنيا ۾ 65 سيڪڙو امير ماڻهن وٽ گهٽ ۾ گهٽ 3 آمدني جا ذريعا هوندا آهن، جيئن ته نوڪري سان گڏوگڏ سائيڊ بزنس، رئيل اسٽيٽ مان حاصل ٿيندڙ رقم، يا اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري.

2-ٽي وي گهٽ ڏسو، پڙهڻ تي ڌيان ڏيو
ٿامس جي تحقيق مطابق رڳو 6 سيڪڙو امير ماڻهن رئيليٽي شوز ڏسڻ جو اعتراف ڪيو، باقي سڀ پڙهڻ يا سکڻ تي ڌيان ڏيندا آهن.

3-روزانو 30 منٽ پڙهو
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 88 سيڪڙو امير ماڻهو روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ پنهنجي ذاتي بهتري لاءِ ڪتاب، بلاگ، آرٽيڪل يا ڪو به سکيا ڏيندڙ مواد پڙهندا آهن.

4-ست ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ، صبح جو جلد اُٿڻ
89 سيڪڙو امير ماڻهو هر رات 7 ڪلاڪ کان وڌيڪ ننڊ ڪندا آهن، ۽ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪم تي وڃڻ کان 3 ڪلاڪ اڳ ئي سجاڳ آهن.
ان کانسواءِ سٺو کاڌو، ورزش ۽ صحتمند عادتون به زندگي ۾ ڪاميابي جو بنياد آهن.

5- خرچ گهٽ، بچت وڌيڪ
پنهنجي آمدني جو هڪ خاص حصو صرف پنهنجن خوابن جي پورائي لاءِ رکو، باقي بچت ۽ سيڙپڪاري لاءِ. بجيٽ ٺاهي ۽ ڏاهپ سان مالي رٿابندي ڪريو.

6- لاٽري يا جوا نه کيڏو
امير ماڻهو لاٽري يا جوئا جهڙين سرگرمين کان پري رهندا آهن، انهن جي جاءِ تي هو پنهنجي پئسي جي صحيح جاءِ تي سيڙپ ڪندا آهن.

7-هاڪاري ۽ ڪامياب ماڻهن سان گڏ رهو
انسان جي سماجي حيثيت، سندس ساٿين تي ٻڌل هوندي آهي، ناڪاري ۽ ناڪام ماڻهن کان پري رهو ۽ انهن جي مدد ڪريو جيڪي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.