ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 1595 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 57 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون پڻ 1368رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 6 هزار 69 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 16 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3356 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.