غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج امدادي سامان وٺڻ لاءِ گڏ ٿيل بيگناهه فلسطيني شهرين تي فائرنگ ڪري 23 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اکين ڏٺل شاهدن ۽ طبي عملي جو چوڻ آهي ته مرڪزي غزا ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حمايت يافتا”غزا هيومينيٽيرين فائونڊيشن“ جي انتظام هيٺ هڪ امدادي مرڪز ويجهو اسرائيلي ٽينڪن ۽ ڊرون هزارين ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، جيڪي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
نصيرات جي هڪ اسپتال جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته کين 23 لاش ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي شهري اسپتال ۾ آندا ويا آهن.
اسرائيلي فوج طرفان واقعي تي اڃا تائين ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو.
ٻئي پاسي، فلسطيني هلال احمر جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو آهي ته دير البلاح جي اولهه ۾ المسار واري علائقي ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي فضائي حملي دوران 11 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
Next Post
You might also like