آمريڪا اسرائيلي جارحيت نٿو روڪڻ چاهي ته هڪ پاسي ٿي وڃي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نائب پرڏيهي وزير آمريڪا کي ايران تي حملن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي.
ايران جي سرڪاري ميڊيا ڪاظم غريب آبادي جي حوالي سان چيو ته جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ مداخلت ڪرڻ چاهي ٿو ته ايران وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو ته هو جارحيت پسندن کي سبق سيکاري ۽ پنهنجي دفاع لاءِ طاقت جو استعمال ڪري.
هن چيو آمريڪا کي اسان جو مشورو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل جي جارحيت روڪڻ نٿو چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ پاسي ٿي وڃي، ايران وٽ سمورا آپشن موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.