چيني ۽ روسي صدرن جي ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت

بيجنگ + ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۽ چين جي صدرن ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي.
چين جي سرڪاري ميڊيا موجب صدر شي جن پنگ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفونڪ گفتگو دوران چيو ته ايران ۽ اسرائيل ۾ جاري تڪرار ۾ جنگبندي پهرين ترجيح آهي.
ماسڪو ۾ ڪريملن موجب روسي ۽ چيني صدرن ايران تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪرڻ سان گڏ ان تڪرار جي سياسي ۽ سفارتي حل جي ضروت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.