ايران تي اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 639 ڄڻا شهيد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي تخت گاهه واشنگٽن ۾ قائم هيومن رائٽس ايڪٽيوسٽس نالي گروپ چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 639 ڄڻا مارجي ويا ۽ 1329 زخمي ٿي چڪا آهن.
ان گروپ مارجي ويلن جي مجموعي انگ مان 263 جي عام شهرين ۽ 154 جي سيڪيورٽي فورسز اهلڪارن طور سڃاڻپ ڪئي آهي.
ايران اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويلن جي انگ بابت ڪي تازا حتمي تفصيل جاري ناهن ڪيا پر سومر ڏينهن ٻڌايل انگ موجب ان وقت تائين 224 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 1277 زخمي ٿيا هئا.
هوڏانهن اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايراني حملن ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.