ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ ٻيو مريض لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو ٻيو مريض به لاڏاڻو ڪري ويو.
ابراهيم حيدري واسي 26 ورهين جو نوجوان انفيڪشيس ڊيزيز اسپتال ۾ داخل هو، ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي تيز بخار، رت وهڻ جي علامتن سان آندو ويو هو.
طبي ماهرن موجب ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جي نتيجي ۾ اها ٻي فوتگي آهي، عيد کانپوءِ ڪانگو وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ڪراچي ۾ هڪ شخص ڪانگو وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.