صدر زرداري پاران ايئر هيڊڪوارٽرز جو دورو، گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد(م ڊ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداری اسلام آباد ۾ ايئر هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪري پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف  مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي، صدرِ جو دورو پاڪ فضائيه جي شاندار ڪاميابين، فضائي سرحدن جي دفاع ۽ ڀارتي جارحيت تي فيصلائتو ردعمل ڏيڻ تي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪيو ويو، صدرِ جي آمد تي پاڪ فضائيه جي چاق و چوبند دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو، ملاقات دوران ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو صدرِ آصف علي زرداري کي پاڪ فضائيه جي آپريشنل حڪمتِ عملي، فورس اسٽرڪچر، مقصدن ۽ مستقبل جي جنگين جي تناظر ۾ جاري منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، صدرِ کي بريفنگ ۾ آگاهي ڏني وئي ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪ فضائيه جي ڪاميابي، اعليٰ تربيت، هر وقت جي آپريشنل تياري ۽ ملڪ اندر تيار ڪيل جديد جنگي صلاحيتن جو نتيجو آهي، صدر پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشه ورانه مهارت، غير متزلزل عزم ۽ جذبي کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، صدرِ چيو ته ايئر چيف جي مدبرانه قيادت پاڪ فضائيه کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو، ايئر چيف جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه جي آپريشنل تياريءَ ۾ نمايان واڌارو ٿيو، خطي ۾ طاقت جو توازن ٻيهر ترتيب ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.