لاهور(امدادسومرو) آمريڪي صدر ٽرمپ سان فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي ملاقات ٿي رھي آهي. معدنيات تي اڳ ۾ ئي جنرل عاصم منير آمريڪا کي پنھنجي آڇ بابت ٻڌائي چڪو آھي.ٽرمپ جي سيون اجلاس اڌورو ڇڏي آمريڪا واپس پھتو ان دوران ھو مسلسل ايران کي ڌمڪيون ڏئي رھيوآھي.اھو بھ امڪان آھي تھ شايد پاڪستان کي ايران کي جنگبندي لاءِ راضي ڪرڻ جوذمو ڏنو وڃي. ڪجھھ تجزي نگارن جو چوڻ آھي تھ ٽرمپ مڪمل ڪاروباري ماڻھو آھي ۽ ان کي پاڪستان معدنيات جي حوالي سان آڇون ڪيون ويون آهن، آرمي چيف ان ۾ ھڪ شرط رکي آھي تھ ان جي پروسيسنگ پاڪستان ۾ ٿيندي.فيلڊ مارشل جي اڳيان ٽرمپ پاڻ نھ ويھندو پر ٽرمپ جو گروپ ويھندو ۽ گھڻو تڻو ڳالھيون منرلز جي حوالي سان ٿينديون.ايس آئي ايف سي جي قيام بعد منرلز وغيرھ سميت اھڙن معاملن جو ڪنٽرول بھرحال آرمي چيف وٽ آھي.پر اصولي طور تي اھو فيلڊ مارشل جي ڪرڻ جو ڪم ناھي.وزيراعظم وڃي ھا يا خزاني وارو وزير وڃي ھا تھ بھتر ھو. پر آمريڪا کي خبر آھي تھ ھتي اصل طاقت ڪنھن وٽ آھي. ٻي سوچ اھا آھي تھ چين کان پري ڪرڻ لاءِ اھو سڀ ڪجھھ ڪيو پيو وڃي. ھڪ معدنيات ۽ ٻيو چين کان دوري ھن ملاقات جي ايجنڊا ھوندا.