واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، ٽرمپ چيو آهي ته پاڪ، ڀارت جنگ روڪڻ سبب ٿورو مڃڻ لاءِ فيلڊ مارشل کي گهرايو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي مانجهاندو ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مانجهاندو ڪيبنيٽ روم ۾ ڏنو ويو. ملاقات ۾ پاڪ، ڀارت چڪتاڻ، پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ واپاري معاهدي تي ڳالهه ٻول ٿي، ايران ۽ اسرائيل جنگ سميت خطي جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو.ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان واپاري معاهدي بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن. آمريڪي صدر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگ طرف نه ويا. مون کين جنگ روڪڻ لاءِ شڪريي طور سڏايو هو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عملدارن سان ايران جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ايران بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران جو معاملو هاڻ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيتھ سان به ملاقات متوقع آهي. ٻئي پاسي، وائٽ هائوس ۾ صحافين جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ کان فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٿيندڙ ملاقات جا ممڪن سفارتي نتيجا پڇيا، ته هن چيو: "جنرل عاصم پاڪ-ڀارت تڪرار کي پاڪستان جي طرفان روڪڻ ۾ نهايت مؤثر رهيو آهي.