اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مانجهاندي تي ملاقات پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي آهي. "ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات پاڪستان-آمريڪا لاڳاپن ۾ مضبوط قدم آهي. اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي، جڏهن ٽرمپ جنگبندي ۾ ٽياڪڙي ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته تازو پنج ڏينهن واري جنگ ۾ پاڪستان جي فتح بعد ڀارت مسلسل امن ڪوششن جي مخالفت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت سان سفارتي ڳالهين لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي. بلاول چيو ته ٻنهي ملڪن جي فائدن ۾ امن ئي اصل حل آهي ۽ مسئلن جو فوجي حل نه ٿو ٿي سگهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ نٿو چاهي، نه ئي ڀارت سان ڳالهين لاءِ بي چين آهي. هن ڀارت جي آبي جارحيت، ڪشمير ۾ ظلم ۽ دهشتگردي جي استعمال کي ناقابل قبول قرار ڏنو. بلاول چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا مسئلا حقيقت تي مبني سفارتڪاري ذريعي حل ٿيندا.