لاهور(بيورو/م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) وفاقي بجيٽ 2025-2026 کي ملڪ جي ڪمزور ۽ پوئتي پيل طبقي جي معاشي ۽ سماجي حقن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي ان کي غريب دشمن چيو آهي. ايڇ آر سي پي پاران وفاقي بجيٽ بابت هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته هي بجيٽ سخت بچت واري فريم ورڪ ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن هيٺ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهن لکين ماڻهن لاءِ ڪو به حقيقي رليف شامل ناهي، جيڪي اڳ ئي 2022 کان 2024 تائين جاري مهانگائي واري بحران کان سخت متاثر ٿي چڪا آهن. ايڇ آر سي پي چيو ته جيتوڻيڪ پگهاردار طبقي تي آمدني ٽيڪس جي شرح ۾ ٿوري گهٽتائي ڪئي وئي آهي پر اها رعايت ايتري ناهي جو گذريل سالن ۾ گهٽ ٿيندڙ خريداري جي سگهه کي بحال ڪري سگهي. ڪميشن سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آهي ۽ اها اڃا تائين 37 هزار رپيا ماهوار آهي، جيڪا ڇهن ڀاتين واري خاندان جي بنيادي ضرورتن لاءِ ڪافي ناهي. بيان ۾ چيو ويو ته جيتوڻيڪ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جهڙن صوبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي وڌائي 40 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، پر موجوده مهانگائي جي پسمنظر ۾ اهو اضافو به حقيقي آمدني ۾ گهٽتائيءَ جو ازالو نٿو ڪري. ايڇ آر سي پي چيو ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو صنعتون گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عمل نٿيون ڪن ۽ اهو رجحان سڄي ملڪ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ايڇ آر سي پي صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ لاءِ رکيل فنڊز تي سخت تنقيد ڪئي. جي ڊي پي جو رڳو 0.96 سيڪڙو صحت لاءِ، 1.06 سيڪڙو تعليم لاءِ ۽ رڳو 1.1 سيڪڙو سماجي تحفظ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، جيڪو نه رڳو بين الاقوامي معيار کان گهٽ آهي، پر ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جهڙن پاڙيسري ملڪن کان به گهٽ آهي. ايڇ آر سي پي جي بريفنگ دوران مشهور ماهرِ معاشيات ڊاڪٽر فهد علي نشاندهي ڪئي ته جڏهن ملڪ جي 45 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي ۽ 88 سيڪڙو ماڻهن جي ماهوار آمدني 75 هزار رپين کان گهٽ آهي، جيڪا جيئڻ جي اجرت جيتري هجڻ گهرجي. ايڇ آر سي پي جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق ناڻي واري وفاقي وزير ه پاران گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽرينز جي پگهارن ۾ غيرمعمولي ۽ غيرمتناسب” اضافي جو اعلان، هن فيصلي سان تضاد رکي ٿو. ايڇ آر سي پي پنجاب جي نائب صدر راجا اشرف چيو ته صحت ۽ تعليم جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي، جڏهن ته ايڇ آر سي پي جي سينيئر مئنيجر فيروزه بتول چيو ته غريب دشمن بجيٽ مان عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون. ايڇ آر سي پي جي خزانچي حسين نقي زور ڀري چيو ته بجيٽ جي معاشي ۽ سماجي اثرن تي قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي. ڪميشن وفاقي ۽ صوبي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پنهنجي مالي ترجيحن تي ٻيهر غور ڪن. جيستائين عوامي صحت، تعليم ۽ سماجي تحفظ ۾ سنجيده سيڙپڪاري نه ڪئي ويندي، تيستائين برابريءَ وارن شهري حقن جو واعدو صرف هڪ دعويٰ ئي رهندو.ڪميشن چيو ته انساني وقار سان زندگي گذارڻ جو حق ڪو اهڙو مطالبو ناهي، جنهن کي مالي ضابطن جي نالي تي پوئتي ڌڪيو وڃي. هي حق بجيٽ جي مرڪز ۾ هجڻ گهرجي.