تعليم رياست جي ترجيح ئي ناهي

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

وفاقي حڪومت پاران پيش ڪيل نئين بجيٽ ۾ تعليم، خاص ڪري اعليٰ تعليم، کي جيڪا اهميت ملڻ گهرجي هئي، سا ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. هن دفعي وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم لاءِ رڳو 39.5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ اها رقم 65 ارب رپيا هئي. نه رڳو اهو، پر وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ هن ڪٽوتي جو اعلان فخر سان ڪيو، ڄڻ ته ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هجي.هن ساڳي تقرير ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي ڪجهه علائقن جهڙوڪ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ 11 نوان "دانش اسڪول” قائم ڪرڻ وڃي رهي آهي، جن لاءِ 9.18 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سنڌ، جيڪو تازين سالن ۾ بدترين ٻوڏن جو شڪار رهيو آهي، اتي ٻڏي ويل ۽ تباه ٿيل اسڪولن جي ٻيهر تعمير لاءِ رڳو 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هي ڀيٽ پاڻ ئي سمجهاڻي لاءِ ڪافي آهي ته ترجيحات ڪهڙي طرف اشارو ڪن پيون.

اڄ جي پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 269 يونيورسٽيون آهن، جن مان 150 کان وڌيڪ يونيورسٽيون سرڪاري آهن. اهي سرڪاري ادارا آزاد ڪشمير، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ قائم آهن. انهن ادارن ۾ جنرل تعليم سان گڏ انجنيئرنگ، ميڊيڪل، زرعي سائنس، آرڪيٽيڪچر، آءِ ٽي ۽ لبرل آرٽس جهڙيون خاصيتون رکندڙ يونيورسٽيون شامل آهن، جتي هزارين شاگرد علم جي کوجنا ۾ مشغول آهن.اهي سڀئي سرڪاري يونيورسٽيون وفاقي حڪومت جي گرانٽن تي هلن ٿيون. جڏهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ يونيورسٽين جي انتظامن جي نگران اداري "يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن (U.G.C)” کي اپگريڊ ڪري "هائير ايجوڪيشن ڪميشن (H.E.C)” قائم ڪيو ويو، تڏهن عالمي بئنڪ جي مدد سان هڪ ٽاسڪ فورس به ترتيب ڏني وئي، جيڪا اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ سڌارن لاءِ ڪم ڪندي رهي. هن ٽاسڪ فورس ۾ مختلف شعبن جا ماهر شامل هئا، جن جي مشاورت ۽ تجويزن جي بنياد تي نه رڳو يونيورسٽين جي ماحول ۾ نمايان تبديليون آيون، پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نيون يونيورسٽيون پڻ قائم ڪيون ويون.

اٺارهين آئيني ترميم کان پوءِ، جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي ۽ تعليم جو شعبو صوبن حوالي ڪيو ويو، تڏهن سنڌ ۽ پنجاب پنهنجا اعليٰ تعليم ڪميشن قائم ڪيا. بهرحال، يونيورسٽين جي استادن جي ڀرتيءَ لاءِ ضروري قابليتن ۽ نصاب کي جديد معيارن مطابق ترتيب ڏيڻ جي ذميواري هاءِ ايجوڪيشن ڪميشن (H.E.C) وٽ ئي رهي.

ايڇ اي سي يونيورسٽين ۾ تحقيق جي رواج کي وڌائڻ لاءِ ايم ايس (MS) ۽ پي ايڇ ڊي (PhD) جا نوان پروگرام متعارف ڪرايا. استاد جي مقرري لاءِ رڳو پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي نه رهيو، پر عالمي سطح جي تحقيقي رسالن ۾ مقالا شايع ڪرائڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو. انهيءَ پاليسي جي نتيجي ۾، پي ايڇ ڊي ڪندڙ استادن جي تعداد ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. جنهن وقت تائين پرويز مشرف جي حڪومت قائم رهي، ان وقت تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) وٽ فنڊن جي کوٽ نه هئي. ان ئي سبب، پراڻين يونيورسٽين ۾ نيون عمارتون ۽ تجرباتي ليبارٽريون تعمير ٿيون، جڏهن ته نون يونيورسٽين ۾ جديد انفرا اسٽرڪچر نظر اچڻ لڳو. پر جڏهن ملڪ ۾ نيون حڪومتون اقتدار ۾ آيون ته سندن اوليتن مان اعليٰ تعليم نڪري وئي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽين اندر انتظامي ۽ مالي بحران پيدا ٿيڻ لڳا.

اڄ سڄي ملڪ ۾ رڳو ڪجهه يونيورسٽيون اهڙيون آهن جيڪي مالي طور مستحڪم آهن، باقي سڀ ادارا ڏيوالي طرف وڌڻ لڳا آهن. جيڪڏهن گذريل 25 سالن جي عرصي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ رکيل بجيٽ جو جائزو وٺجي ته اها تلخ حقيقت سامهون اچي ٿي ته ايڇ اي سي جو بجيٽ يونيورسٽين جي وڌندڙ ضرورتن مطابق نه وڌايو ويو آهي.ايڇ اي سي سرڪاري يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي پنهنجا وسيلا وڌائين ته جيئن پنهنجا خرچ پاڻ پورا ڪري سگهن. ان ئي پاليسي تحت يونيورسٽين شام جا نوان پروگرام شروع ڪيا. ڪجهه ميڊيڪل يونيورسٽين ايم بي اي جا پروگرام به متعارف ڪرايا، جڏهن ته ڪجهه انجنيئرنگ يونيورسٽين سماجي سائنسن ڏانهن ڌيان ڏنو. ادارن فيسن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ۽ ميرٽ کي نظرانداز ڪندي سيلف فنانس جي بنياد تي داخلا ڏيڻ شروع ڪيا. پر انهن سڀني قدمن جي باوجود به مالي بحران گهٽ نه ٿيو.

هن مالي بحران جو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ اثر اهو ٿيو ته هيٺئين ۽ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ شاگردن لاءِ سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليم جو حصول به ڏکيو بڻجي ويو. فنڊز جي کوٽ سبب تعليمي معيار سخت متاثر ٿيو، خاص طور تي بنيادي سائنس جي شعبن ۾ ته آلات ۽ ڪيميڪل جي کوٽ سبب شاگردن ۽ استادن کي تجرباتي ڪم کان محروم رهڻو پيو. سائنسي ريسرچ ڪندڙ پي ايڇ ڊي اسڪالرن کي پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيميڪلز ۽ آلات پنهنجن ذاتي وسيلن مان خريدڻا پيا.

تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ يونيورسٽين جو مالي بحران وڌيڪ وڌي ويو. ڪنهن دريادل صلاحڪار جي مشوري تي ان وقت جي حڪومت اهو حل ڪڍيو ته يونيورسٽين جي قيمتي زمين وڪرو ڪئي وڃي. ان تجويز تي ان وقت جي ايڇ اي سي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري … ڊاڪٽر طارق بنوري ان وقت جي حڪومت کي خبردار ڪيو ته يونيورسٽين جي زمين وڪرو ڪرڻ جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. هن چيو ته هڪ طرف ته يونيورسٽيون پنهنجن قيمتي اثاثن کان محروم ٿي وينديون، ته ٻي طرف زمينن جي وڪري جي عمل ۾ لينڊ مافيا ۽ يونيورسٽين جي اندروني عملدارن جي گڏيل ملي ڀڳت سان وڏا اسڪينڊل جنم وٺي سگهن ٿا.

سرڪاري يونيورسٽين جا وسيلا محدود ٿي چڪا آهن. جيتوڻيڪ انهن ادارن پنهنجي فيسن ۾ ڪيتريون ئي ڀيرا اضافو ڪيو آهي، پر اڄ اهي نه ته ضرورت مند شاگردن جون فيسون معاف ڪري سگهن پيا ۽ نه ئي ڪا معقول اسڪالرشپ ڏئي سگهن پيا. اهڙي صورتحال ۾ هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي شاگردن لاءِ به سرڪاري يونيورسٽين ۾ تعليم جو در کُليل نه رهيو آهي.اهڙي پسمنظر ۾ اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ واڌ جي اشد ضرورت هئي، پر حڪومت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن دفعي بجيٽ ۾ وڌيڪ ڪٽوتي ڪري اعليٰ تعليم جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سرڪاري يونيورسٽين جي استادن جي وفاقي تنظيم "فپواسا” جي اڳواڻن هن ڪٽوتي کي اعليٰ تعليم لاءِ هڪ تباه ڪن قدم قرار ڏنو آهي.انهن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سال 2018ع ۾ ايڇ اي سي جي رِيڪرنٽ گرانٽ 65 ارب رپيا هئي، جيڪا واڌ ٿيڻ بدران سالياني بنياد تي گهٽ ٿيندي پئي وڃي. جيڪڏهن حڪومت يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ترت اضافو نه ڪيو ته تحقيق ۽ علمي ترقي جا سمورا عمل رڪجي ويندا. اعليٰ تعليم جي بجيٽ ۾ اهڙي وڏي ڪٽوتي سان يونيورسٽيون پنهنجن مقرر ڪيل هدفن کان پري ٿينديون، جيڪو نه رڳو تعليمي تباهي، پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ وڏو قومي نقصان هوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.