ايران هيل تائين 400 بيلسٽڪ ميزائل، هڪ هزار ڊرونز سان جوابي حملو ڪيو آهي: اسرائيلي فوج

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي دفاعي فوج (آءِ ڊي ايف) جي تازي انگن اکرن مطابق ايران پاران جمعي کان شروع ٿيندڙ تڪرار کان وٺي هيل تائين اسرائيل تي 400 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل ۽ لڳ ڀڳ هڪ هزار ڊرونز سان جوابي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
ٽائيمز آف اسرائيل جي رپورٽ مطابق آءِ ڊي ايف جو چوڻ آهي ته انهن بيلسٽڪ ميزائلن مان صرف 20 ميزائل اسرائيلي شهري علائقن تي ڪريا، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي، 24 ڄڻا مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.
وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته تقريبن هڪ هزار ڊرونز مان 200 کان به گهٽ اسرائيل جي سرحد تائين پهتا ۽ اسرائيلي فضائي حدن ۾ داخل ٿيا پر انهن مان ڪو به اسرائيل سان نه ٽڪرايو، سڀئي ڊرونز يا ته اسرائيلي فضائيه ۽ بحريه تباهه ڪري ڇڏيا يا اهي اسرائيل تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪري پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.