ڀارتي گجرات ۾ تيز برساتون، 18 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ تيز برساتن دوران مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب گجرات جي ڪجهه حصن ۾ سومر کان وٺي برساتن جو سلسلو جاري آهي.
رياست جي ڏاکڻي علائقن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ ڊيزاسٽر ريسپانس ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، جتي وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
گجرات حڪومت پاران اڱاري جي رات جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته برسات دوران مختلف حادثن ۾ 18 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي امدادي ٽيمن بچائي ورتو.
رياستي رليف ڪمشنر الوڪ ڪمار پانڊي ٻڌايو ته اهي 18 ڄڻا طوفان، وِڄ ڪرڻ ۽ عمارتن جي ڪِري پوڻ سبب فوت ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.