لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پاڪستان ريلوي به مسافر ۽ مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ريلوي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ بعد مسافر ٽرينن ۽ مال بردار جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 3 سيڪڙو ۽ فريٽ ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 4 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.
مسافر ٽرينن لاءِ نوان اگهه 20 جون کان لاڳو ٿيندا، جڏهن ته مال بردار ٽرينن لاءِ اها واڌ 23 جون کان لاڳو ٿيندي.
Next Post
You might also like