انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ايران کي اسرائيل جي رياستي دهشتگردي ۽ چريائپ تي ٻڌل حملن جو دفاع ڪرڻ جو قانوني، فطري ۽ جائز حق حاصل آهي.
پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي اردگان چيو ته اسرائيل واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ جوهري ڳالهيون ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بنا ترڪيه جي پاڙيسري ملڪ ايران تي حملو ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته مسئلن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي، ان حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
هن وچيو ته اسرائيلي وزيراعظم غزا ۾ نسل ڪشي جي ڏوهن ۾ ايڊولف هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
You might also like