تل ابيب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي پرڏيهي وزير جدون ساعر چيو آهي ته ايران ۾ حڪومت جي تبديلي اسرائيلي فوجي مهم جو حصو ناهي، پر ان مهم جي نتيجي ۾ ائين ضرور ٿي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، تازو ايراني ميزائل حملن ۾ نشانو بڻايل هنڌن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسرائيلي پرڏيهي وزير چيو ته ايران خلاف ويڙهه ۾ اسرائيل کي ٽي مقصد حاصل ڪرڻا آهن.
هن چيو ته سڀ کان پهرين ايران جي جوهري پروگرام کي وڏو نقصان رسائڻ آهي ۽ اسان ان ڪم ۾ رڌل آهيون.
هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي جهازن کي ايراني فضائي حدن ۾ سرسي حاصل آهي ۽ ڪيئي هدف اسان جي نشاني تي آهن.
جدون ساعر موجب، اسرائيل جو ٻيو مقصد آهي ايراني حڪومت جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي وڏو نقصان پهچائڻ ۽ ٽيون مقصد آهي انهن منصوبن کي نقصان پهچائڻ جيڪي اسرائيل جي بقا لاءِ خطرو آهن.
You might also like