ايراني حملن کان خوفزده اسرائيلي ٻيڙين ذريعي ملڪ مان ڀڄڻ لڳا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران جي اسرائيل تي جوابي حملا جاري آهن، جنهن سان اسرائيلي شهري خوف جو شڪار ٿي ملڪ مان فرار ٿيڻ لڳا آهن.
اسرائيلي اخبار هارٽز موجب جنگ سبب اڏامون معطل ٿيڻ جي ڪري شهري ملڪ ڇڏڻ لاءِ سامونڊي رستو اختيار ڪري رهيا آهن.
ايراني حملن کان خوفزده اسرائيلي شهرين جي منزل قبرص آهي، جتي وڃڻ لاءِ هرزليا جي مرينا جي اسرائيلي جا ڪٽڪ لٿل آهن.
صبح سوير ئي اسرائيلي شهري وڏي انگ ۾ هرزليا جي مرينا پهچي ويندا آهن ۽ مهانگن اگهن تي سيٽ خريد ڪري ملڪ ڇڏڻ چاهيندا آهن.
بندرگاهه تي اسرائيلي اخبار سان ڳالهائيندي ملڪ ڇڏيندڙن چيو ته جنگ سبب غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ اسان ميزائل حملن کان تنگ اچي چڪا آهيون.
هوڏانهن اسرائيلي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته جنگي حالتن سبب ملڪ ڇڏيندڙ اسرائيلي ناهن پر پرڏيهي آهن، جيڪي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.