سنڌ سرڪار باڪسر عاليا سومرو کي 46 لک رپين جو چيڪ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ بين الاقوامي باڪسر عاليا سومرو کي 46.5 لک رُپيا مالي امداد طور ڏنا ويا.
سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن شازيه ڪريم، يوسف بلوچ، ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق ۽ اسد نبيل عاليا سومرو سان ملاقات ڪئي، جتي باڪسر کي مالي امداد طور چيڪ ڏنو ويو.
ان موقعي تي شازيه ڪريم چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ راندين جي ترقي لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي.
هن ٻڌايو ته نوجوان رانديگرن لاءِ ٽيلنٽ هَنٽ پروگرام به شروع ڪيا ويا آهن ته جيئن نئين ٽيلنٽ کي سامهون آڻي سگهجي.
ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق چيو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ حڪومت کين هر ممڪن سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.