لنڊن (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊڪپ 2025 جو امڪاني شيڊيول سامهون اچي ويو، ڀارتي ميزبان هيٺ ٿيندڙ ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجون هڙئي ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏندو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب، وومينز عالمي ڪپ جا مقابلا 30 سيپٽمبر تي بئنگلورو ۾ شروع ٿيندا، جڏهن ته پاڪستان پنهنجون ميچون نيوٽرل وينيو طور سري لنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ کيڏندو.
ورلڊڪپ جو افتتاحي ميچ ڀارت ۽ سري لنڪا وچ ۾ کيڏي ويندي، ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ٻه آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف پنهنجي مشن جي شروعات ڪندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 5 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
اٺ آڪٽوبر تي گرين شرٽس ۽ ڪينگروز ۾ ميچ شيڊيول آهي، جڏهن ته 15 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
18 آڪٽوبر تي قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ميدان تي لهندي، 21 آڪٽوبر تي پروٽيز ۽ شاهينن دنگل ٿيندو.
پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي آخري ميچ 24 آڪٽوبر تي سريلنڪا خلاف کيڏندو.
ٽورنامينٽ جون ناڪ آئوٽ يعني فائنل ۽ سيمي فائنل لاءِ به وينيوز جا نالا جنهن لاءِ پهريون سيمي فائنل گوهاٽي يا ڪولمبو، ٻيو سيمي فائنل بئنگلورو جڏهن ته فائنل ٻه نومبر تي بئنگلورو يا ڪولمبو ۾ کيڏي وينديون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ سياسي تڪرارن سبب پاڪستاني ٽيم لاءِ ڀارت ۾ کيڏڻ ممڪن ناهي رهيو، تنهنڪري آءِ سي سي پاڪستان جون ميچون نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڀارت ۾ ٿيندڙ وومينز ورلڊ ڪپ جو شيڊيول سامهون اچي ويو، پاڪستان جون ميچون نيوٽرل وينيو تي رٿيل
You might also like