آءِ سي سي ڪرڪيٽ قانون تبديل ڪري ڇڏيا

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مردن جي ٽنهي فارميٽن ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون متعارف ڪرائي ڇڏيون آهن، جيڪي تمام جلد لاڳو ڪيون وينديون.
نئين قانونن جو مقصد بيٽ ۽ بال جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ آهي.
قانونن ۾ ڦيرڦار آءِ سي سي جي مردن واري ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سفارش تي ڪئي، جنهن جي چيف ايگزيڪٽيو ڪميٽي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
آءِ سي سي قانونن ۾ ڪهڙيون تبديليون ڪيون آهن؟
ون ڊي ۾ سڀ کان اهم تبديلي، ٻن بالن جي استعمال واري اصول ۾ ترميم
في الحال سڄي ون ڊي ميچ ۾ هر اننگز دوران ٻنهي اينڊز( وڪيٽ جي ٻنهي پاسي) کان ٻه نوان استعمال ڪيا ويندا آهن، نئين قانون کانپوءِ هاڻي اننگز لاءِ رڳو 34 هين اوور جي پڄاڻي تائين ٻنهي اينڊز تان ٻن بالن جو استعمال ڪيو ويندو.
پر 34 هين اوور کانپوءِ بالنگ ٽيم کي ٻنهي بالن مان ڪنهن هڪ بال جي چونڊ جو اختيار هوندو، جيڪو 35هين کان 50 هين اوور تائين ٻنهي اينڊز طرفان استعال ڪيو يندو.
جيڪڏهن ون ڊي ميچ 25 يا ان کان گهٽ اوورن تائين محدود هوندي ته رڳو هڪ بال ئي استعمال ڪري سگهبو.
ان تبديليءَ ذريعي بالرن کي خاص طور تي آخري اوورن دوران ريورس سوئنگ ۾ مدد ملندي، جيڪا نئين بال جي استعمال سبب گهٽجي وئي هئي.

نئين ”ڪنڪشن سبسٽيٽيوٽ“ پاليسي
آءِ سي سي موجب، هاڻي ٽيمن کي هر عالمي ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پنج متبادل رانديگر جا نالا ڏيڻا پوندا، جن ۾ هڪ وڪيٽ ڪيپر، هڪ بيٽر، هڪ فاسٽ بالر، هڪ اسپنر ۽ هڪ آل رائونڊر شامل هوندو.
جيڪڏهن ميچ دوران ڪنهن رانديگر ( ڪيپر، بيٽر، آل رائونڊر،فاسٽ بالر يا اسپنر) کي ڌڪ لڳو ته ميچ ريفري جي اجازت سان هڪ ٻيو رانديگر پليئنگ اليون ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ اِهو قانون مردن جي ٽنهي فارميٽس لاءِ آهي.
آءِ سي سي موجب، نوان قانون ٽيسٽ ميچن لاءِ 17 جون، ون ڊي ميچن لاءِ 2 جولاءِ ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ ڏهه جولاءِ کان لاڳو هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.