کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتل بکايل فلسطينين تي اسرائيل جا حملا، 59 ڄڻا شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 59 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن ۽ اسرائيلي فورسز خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪندڙن ۽ خوراڪ ورهائڻ جي مرڪزن تي گڏ ٿيندڙ فلسطينين کي به نشانو بڻائي رهي آهي.
رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج 59 فلسطينين کي شهيد ڪيو، جن مان 17 ڄڻا خوراڪ جي ڳولا ۾ ويا هئا ۽ خوراڪ ورهائڻ جي مرڪزن ٻاهران کاڌو ملڻ جي انتظار ۾ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.