لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هاءِ پرفارمنس ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته رانديگرن کي به خبر آهي ته ڪهڙو رانديگر ڪهڙي فارميٽ لاءِ موزون آهي، بابراعظم هجي يا ڪو ٻيو، گيم سڀني لاءِ اوپن آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته رانديگرن لاءِ اڻ ڳڻيا چئلينج آهن، جن لاءِ کين تيار رهڻو پوندو، ڪارڪردگي جي بنياد تي ئي ڪو رانديگر کيڏي سگهي ٿو، اهو بابراعظم هجي يا ڪو ٻيو ۽ ساڳيءَ ريت ڪنهن به پرفارمر کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
هن چيو ته عمل جاري رهڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ ان کي روڪيو ويندو آهي، ماضي ۾ جڏهن اڪيڊميز جو عمل جاري هو ته رانديگر قطارون لڳائي بيهندا هئا. جيڪڏهن اڄ به اهو تسلسل جاري رکي سگهجي ته ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي موجوده سرڪل ۾ پاڪستان لاءِ سٺا امڪان موجود آهن.
عاقب جاويد چيو ته پاڪستان کي جلد هڪ بهتر پوزيشن ۾ ڏسنداسين، ريورس سوئنگ ۽ اسپن جي شعبن ۾ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.
هن چيو ته کيس ياد ناهي ته ٽيم جي معاملا حل ڪرڻ وقت ڪڏهن ڪو اختلاف ٿيو هجي، اسان ڪپتان ۽ ڪوچ سان گڏجي فيصلا ڪندا آهيون، ايندڙ ڇهن مهينن دوران مردن ۽ عورتن جي ٽيمن جا نتيجا سامهون ايندا.
ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس موجب، اڄ اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪئمپ جو پهريون ڏينهن آهي، جيڪا نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي بحالي به آهي.
انڊر 19 لاءِ عمل شروع ڪري رهيا آهيون، پهرئين مرحلي ۾ 60 رانديگرن کي سڏائينداسين، ان کانپوءِ 30 ڪرڪيٽرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو، هاڻي رانديگرن کي سڌي ريت ٽيم ۾ شامل نه پر هڪ منظم عمل ذريعي مٿي آندو ويندو.
عاقب جاويد چيو ته ماضي وانگر اڪيڊميز ۾ ڊيولپمينٽ آندي ويندي، بايوميڪينڪس ليب به اڪيڊمي ۾ آندي پئي وڃي ۽ سموريون سهولتون اپگريڊ ڪيون پيون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ ڪلب، اسڪول ۽ ڪاليج ڪرڪيٽ تمام مضبوط هئي، جيڪا هڪ نرسري وانگر ڪم ڪندي هئي، پر وقت سان گڏ اهي شيون تبديل ٿي ويون. ڪلب ڪرڪيٽ اٽڪل ختم ٿي چڪي آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ ميدانن جو گهٽ هئڻ آهي، پي سي بي چاهي ٿو ته ڪلب ڪرڪيٽ ٻيهر ساڳئي طريقي سان هلي جيئن پهريان هلندي هئي.
Next Post
You might also like