اسرائيل ۾ همت ناهي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان جو نيوڪليئر پروگرام ۽ ميزائل ملڪ جي حفاظت لاءِ آهي.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته 13 جون کانپوءِ ڪيتريون ئي خبرون سامهون آيون، نيتن ياهو جو انٽرويو 2011 جو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڀني کي خيال رکڻ گهرجي، هيءَ ٻارن جي راند ناهي، سنجيده قسم جي جنگ جاري آهي.
هن چيو ته اسان جو نيوڪليئر پروگرام ۽ ميزائل ملڪ جي حفاظت لاءِ آهي، اسرائيل ۾ همت ناهي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.