تهران (م ڊ)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، عرب ميڊيا موجب، ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران سعودي ولي عهد، ايران جي صدر تي زور ڀريو ته تڪرارن جي حل لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي،
محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب، ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته اسرائيلي حڪومت، ايران سان تڪرار وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ڪري سگهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ سڄي اسلامي دنيا ايران جي حمايت ۾ گڏيل آهي، اسان کي پڪ آهي ته ايران دانشمندي سان قدم کڻندو، ان موقعي تي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو ته، "اسان جڏهن به امن جي منزل جي ويجهو پهچڻ لڳاسين ته اسرائيل ان کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. سعودي عرب ۽ ايران گڏجي علائقي کي پرامن بڻائيندا.