خيرپور/گمبٽ/بهارو (رپورٽ: عبدالمتين مهر/تاج محمد مهر) ضلعي خيرپور جي بهارو ٿاڻي جي حد ٽاڳڙو ڳوٺ ۾ نوجوان سرمد عرف پپن پنھور مبينا طور تي ماني دير سان ملڻ تي ڪاوڙجي پنهنجي ماءُ زرينا پنھور کي پسٽل سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، جوابدار جي هٿان پسٽل مان فائر ڇٽي ويا ۽ ٻه گوليون ماءُ کي لڳيون، جنهن ٿڏي تي دم ڏنو. واقعي بعد بهارو پوليس لاش اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو. مقامي ماڻهن پوليس تي الزام هنيو آهي ته ايس ايڇ او جوابدار جي ڀائيوارن کان رشوت وٺي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب پوليس واقعي کي معمولي گھريلو تڪرار ۽ حادثاتي فائرنگ طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي. مقتولا جي وارثن ۽ شهرين پاران سخت احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ويو ته قاتل کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. واقعي تي علائقي ۾ ڏک ۽ ڊپ واري فضا پيدا ٿي وئي آهي، جتي انساني رشتن جي حرمت کي لتاڙڻ ۽ انصاف کي دٻائڻ واري روش تي سماجي ڌرين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.