جنگشاهي / مڪلي /ٺٽو (پ ر+نمائندا)ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ڪينالن خلاف ملڪگير جلسي عام ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جي موقعي تي 21 جون 2025 تي جنگشاهي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان عوامي تحريڪ طرفان جاڳرتا مهم جاري آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجو جي آخري آرام گاهه جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي مزدور تحريڪ جو آرگنائز خالق گندرو ،سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زئور، ضلعي ٺٽي صدر رزاق چانڊيو، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساجده پرهياڙ، مٺا خان لاشاري، گھنور خان زئور، شاہ محمد چانگ، بلاول لاشاري، رياض عباسي، غلام علي زئور، انور پالاري، نور محمد ڪنڀر ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن حوالي ڪري رهي آهي. عوامي تحريڪ حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته سنڌ جون زمينون سنڌين جي قومي ملڪيت آهن. سنڌ ڪنهن وڏيري، پير، مير يا ڀوتار جي جاگير ناهي. پيپلزپارٽي کي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ ڏيڻ جو ڪو به حق ناهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته سامراج نواز بجيٽ ۾ غريبن تي ٽيڪس وڌائي اميرن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، اتحادي حڪومت ملڪي مفادن جو سودو ڪري آء ايم ايف کي راضي ڪيو آهي. عمره سمون چيو ته رسول بخش پليجي سنڌياڻي تحريڪ جھڙي تنظيم جو بنياد وجهي سنڌي سماج ۾ وڏو انقلاب برپا ڪيو. رسول بخش پليجي جو فڪر ٽين دنيا جي مظلوم قومن لاءِ راه نجات آهي.