پروفيسر سرور سيف آدرشي منزلن جو اڻٿڪ مسافر

تحرير: اياز لطيف دايو

ڪنهن به سماج جا اخلاقي ۽ سماجي قدر وقت ۽ حالتن سان تبديل ٿيندا رهندا آهن، اهو هڪڙو فطري عمل آهي، جنهن کي سائنسي، فڪري ۽ تهذيبي طور روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي صورتحال کي ڏسجي ته تمام وڏي حيرت ٿي رهي آهي ته مختلف ملڪن جي ڪروڙين ماڻهن انهن جنگين ۾ پنهنجي حياتي وڃائي،اربين کربين ڊالرن جو انفرا اسٽرڪچر تباهه ڪيو پر هن وقت جنهن به ملڪ جي صورتحال کي ڏسجي ته خبر پئي ٿي انهن ڪهڙي طرح هڪ صديءَ جي عرصي اندر پنهنجن تاريخي المين جو ازالو ڪيو ۽ هن وقت ڪيئن سکي ستابي زندگي انهن ملڪن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، انھي سموري ڀڃ ڊاهه جي عمل ۾ انهن ملڪن جي برک اديبن پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڀرپور ترجماني ڪئي، صرف ماضي جي تڪليفن ،المين ۽ عذابن کي پنهنجي شاعري، فڪشن ۽ آرٽ ۾ انهن پيش نه ڪيو پر حال جو ڇيد ڪندي اجري مستقبل جي اڏاوت جي لاءِ انهن پنهنجون شاهڪار تخليقون پيش ڪيون، انهن ملڪن جي ليکڪن پنهنجي سماج کي جيڪو ڪجهه ڏنو، انهيءَ ڪلاسيڪل سوچن جي مشعل هٿ ۾ کڻي يورپ ۽ ٻين ملڪن ترقيءَ جون تاريخي منزلون طئي ڪيون، اسان وٽ ورهاڱي جي نتيجي ۾ ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سنسان ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هن ڌرتيءَ جي ليکڪن جي ڪلاسيڪل تخليقن جي مشعل کي روشن رکڻ بدران انهي حق ۽ سچ لکڻ جي پاداش ۾ ظلمي زندانن جي حوالي ڪيو ويو،عوامي امنگن ،احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ ڪتابن مٿان پابنديون مڙهيون ويون، جنهن ڪري هن ملڪ جي 24 ڪروڙ ماڻهن ۽ خاص طرح سان مظلوم، محڪوم ۽ مجبور قومن جو حال، ماضي ۽ مستقبل گهاڻي جي اندر پيڙجي رهيو آهي، جيڪڏهن ترقي پسندي واري فطري سوچ، لوچ ۽ ڏاهپ کي اونداهي گهٽين ۾ بند نه ڪيو وڃي ها ته اڄ اسان جو ملڪ به سموري دنيا جي معاشي، سياسي، سماجي ۽ عوامي ترقي جو اٽوٽ حصو بڻيل هجي ها، پر هن ملڪ جي المين جي تاريخ جو اهو سلسلو جاري ۽ ساري آهي

ورهاڱي کان وٺي انهن ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت ڪندڙ ليکڪن پنهنجي ڪرت ۾ ڪا غفلت ناهي ڪئي، انهن وقت جي هر آمرن ،جابرن ۽ ڪانئرن جي خلاف پنهنجي قلم کان ڪات ۽ ڪهاڙي جو ڪم ورتو آهي، انهن پنهنجي اظهار ۾ ڪا مصلحت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي،انهيءَ قافلي جي ليکڪن مان سنڌ ڌرتيءَ جو ناليوارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، نقاد ۽ استاد سرور سيف پڻ آهي، جنهن ستر واري ڏهاڪي کان هن انڌ نگر جي خلاف عملي ۽ قلمي جهاد ڪيو، جيڪو اڄ سوڌو جاري آهي، 1983 ۾ سائين سرور سيف جي ڪهاڻين جو شاهڪار ڪتاب کير جهڙي ڪاري شايع ٿيو هو ته انھي جو مهاڳ اسان جي ليجنڊ ليکڪ انور پيرزادي لکيو هو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته سندس ڪهاڻين ۾ ٻهراڙين جي سونهن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا، انهن لفظن ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ڇاڪاڻ ته سرور سيف جو جنم انهي ٻهراڙي ۾ پورهيت گهراڻي اندر ٿيو آهي، جتي عوامي المين کي ننڍپڻ کان ئي ويجهي کان ڏٺو، پرکيو ،پروڙيو ۽ انهن المين جا عڪس سندس هر تحرير ۾ نظر اچن ٿا،نوي واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ روس جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري هن ملڪ ۽ سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست به مايوسين جي پاتال ۾ پيهي وئي، جنهن جي ڪري انهي سياست جي رومانس جو هڪ شاندار باب پنهنجي پڄاڻي تي پهتو پر ادبي حوالي سان اهو رومانس ٿڪجڻ بدران جاري ۽ ساري آهي، جنهن ۾ سرور سيف جهڙا ليکڪ سمجهن ٿا ته هن ڌرتيءَ تي جيستائين انڌ نگر جو نظام قائم رهڻو آهي، ايستائين ڪنهن به با ضمير ليکڪ جي قلم کي زنگ لڳي نٿو سگهي،انهي ڪري سرور سيف ادبي حوالي سان پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب کير جهڙي ڪاري کان سفر شروع ڪيو هو، اهو هن وقت تائين تسلسل سان قائم آهي.

هن وقت تائين انهن سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ جيڪي ڪتاب ڏنا آهن، انهن ۾ تاريخ ۽ تحقيق جي پس منظر ۾ لکيل ٻه ڪتاب پنوعاقل ماضي حال ۽ پنو عشق عقل جو ٻنو ۽ نوراجا منهنجي نگري، سکر جي انقلابي سياست ۽ ادب جي پنڌ تي جاکوڙيندڙ فتح الله عثماني جي آتم ڪٿا جي ڪتاب جو ترجمو نربدا کان مهراڻ، تذڪره شعراءَ پنوعاقل شامل آهن، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ سندن تاريخي، تحقيقي ۽ ادبي ڪم اڻ ڇپيل موجود آهي،جيڪو آهستي آهستي منظر عام تي اچي رهيو آهي.

سرور سيف تمام وڏو خوشنصيب آهي جو  تربيت جي ڪري سندس اولاد پڻ ادب، ٻولي ۽ تهذيبي ورثي جي امين بڻيل آهي، سندس پٽ ڊاڪٽر سجاد سرور سنڌي ۽اردو جو بهترين شاعر ۽ صاحب ڪتاب آهي،جنهن سوغات پبليڪيشن ذريعي پنج ڪتاب ڇپرايا آهن، سندس نياڻي ريحانا ڪنول پڻ ادبي حوالي سان جاکوڙي رهي آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي ادبي پورهئي جي حوالي سان هن شاندار مونو گراف لکي پنهنجي بابا جي ادبي خدمتن، فڪري ۽ شعوري سفر جو بهترين نموني سان ذڪر ڪيو آهي،بقول ڊاڪٽر سجاد سرور جي ته ريحانا ان ساڳئي پيچري تي گامزن آهي، جنهن تي سندس والد پروفيسر سرور سيف جي قدمن جا اڻ مٽ نشان آهن، وڏي ۽ اهم فخر جي ڳالهه آهي ته سرور سيف جي هڪٻئي ذهين ترين فرزند ڊاڪٽر نويد سرور مهر تازو هڪ شاندار ڪتاب وِهڻ جنهن نه وڙاءُ ترتيب ڏيئي ڇپرايو آهي، انهيءَ ڪتاب جو اهم حصو اهو مونو گراف آهي جيڪو سندس نياڻي ايم اي سنڌي لاءِ لکيو آهي، جنهن جو موضوع آهي سرور سيف ۽ ان جون علمي ادبي خدمتون، هي مونوگراف ريحانا ڪنول پنهنجي شفيق استاد مرحوم پروفيسر ملڪ نديم اڳوڻو چيئرمين سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي خواهش تحت لکيو هو، سندس نياڻي پاڻ اقرار ڪري ٿي ته پنهنجي والد صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪم بابت لکڻ ڏاڍو ڪٺن هو پر ملڪ نديم جي اتساهڻ ۽ رهنمائي تي هن اهو ڪم پورو ڪري ڏيکاريو، انھي کان علاوه هن اهم ڪتاب ۾ سرور سيف جي فرزند ڊاڪٽر سجاد سرور، سندس ويجهن دوستن، شاگردن، گهڻگهرن اياز لطيف دايو،فقير پريل دايو، سرور سميجو،پروفيسر سڪندر مهيسر،ڊاڪٽر محمد علي محمدي، حسين جاگيراڻي،پروفيسر منظور بيدار ۽ اسد چاچڙ جا بهترين آرٽيڪل آهن.

اصل ۾ ڪنهن به ليکڪ جي اصل مڃتا ئي اها هوندي آهي ته سندس زندگيءَ جون حاصلات، جاکوڙ ،علمي، ادبي ڪم، سياسي، سماجي، ادبي، فڪري ۽ شعوري سفر جي سموري ڪٿا سماج جي هر باشعور فرد تائين پهچي وڃي، هي ڪتاب وھڻ جنهن نه وڙاءُ انهي عمل جي شاندار روايت جي ابتدا آهي، هي ڪتاب هڪڙي قسم جي مشعل پڻ آهي، جيڪا ايندڙ نسل کي باک جي لاٽ ڏيندي رهندي، جنهن ۾ پروفيسر سرور سيف جي سحر انگيز شخصيت جا سڀ پهلو سامهون اچي وڃن ٿا،جن ۾ سرور سيف جي جيون ڪٿا، سنڌي ادبي سنگت،ادبي پورهئي، ڪهاڻين، شاعري،ترجمن،مضمونن،مقالن کان علاوهه سندس شاندار زندگيءَ جو ڪو اهڙو باب ناهي، جنهن کي هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو ويو هجي، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ادل سومري، ڊاڪٽر ملڪ نديم، انور پيرزادي ۽ نعيم شيخ جا رايا پڻ شامل آهن، جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ سرور سيف جي جاکوڙي سرگرمين جي حوالي سان شاندار تصويري البم شامل ڪيو وڃي ها ته ڪتاب جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ها مجموعي طور تي جنهن به شخص کي پروفيسر سرور سيف جي حوالي سان علمي، ادبي، فڪري ۽ ذاتي معلومات جي ضرورت پوندي ته هي ڪتاب انھي جي لاءِ بهترين ريفرنس آهي ۽ اهڙن آدرشي مانهن کي اهڙي ئي محبتن ۽ پيار جي پالوٽ جي ضرورت آهي، جن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، اهڙا ماڻهو ئي اتساهه جو ذريعو هوندا آهن، جن سان قومون آدرشي منزلن جي لاءِ هر پل سفر تي روان دوان هونديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.