حيدرآباد ۾ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نينگر فوت

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ جي او آر ٿاڻي جي حد ٿڌي سڙڪ تي پنھور ڳوٺ سامھون تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو نوجوان زخمي ٿي پيو.
حادثي ۾ فوت ٿيل نينگر جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي پوليس کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي، جڏھن ته زخمي پنھنجو نالو مجاھد پٽ عارف عباسي ٻڌايو، جيڪو اصل ڪنڊيارو جو رھواسي آھي.
حادثي کانپوءِ ڪار سوار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهن کيس روڪي ورتو، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.