حيدرآباد گهمڻ آيل ٽنڊي آدم واسي نينگر واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي علائقي گھمن آباد ڀرسان چينل واھه ۾ وھنجندي 10 ورهين جو حماد پٽ عمران علي ٻڏي ويو.
اطلاع تي علائقي واسي، نينگر جا وارث ۽ ريسڪيو ٽيمون پھتيون، جن واھه ۾ نينگر جي ڳولا ڪئي پر رات تائين ھو ھٿ نه اچي سگهيو ھو.
ٻڏي ويل نينگر اصل ٽنڊو آدم جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو گھرڀاتين سان گڏ گھمن آباد واري علائقي ۾ مائٽن وٽ گھمڻ لاءِ آيو ھو، هو مائٽن ۽ پاڙيسرين سان گڏ وھنجڻ لاءِ واھه ۾ لٿو، جتي ٻڏي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.