ڀارتي شهر پوني ۾ درياهه تي ٺهيل پُل ڪِري پئي، 5 ڄڻا فوت، ڪيترن ئي لاشن جي ڳولا جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر پوني ۾ درياهه تي ٺهيل پُل ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعي ۾ پل تي موجود 15 کان 20 ماڻهو درياهه ۾ لڙهي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پل تي ماڻهو پاڻي جو تيز وهڪرو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، پل ٽٽڻ وقت 100 کان 120 ماڻهو موجود هئا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پل ٽٽڻ جي نتيجي ۾ 20 کان 25 ماڻهو ملبي ۾ دٻيل يا ٻڏي وڃڻ خدشو آهي.
حادثي واري هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ لڙهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي بچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.