مودي سرڪار جي اسرائيلي حملي تي خوشي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي: پريانڪا گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي جي ڀيڻ پريانڪا گانڌي غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي مودي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي.
پريانڪا گانڌي هڪ بيان ۾ غزا ۾ انساني امداد جي فراهمي جي ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي ڀارتي حڪومت جي فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏنو.
هن چيو ته غزا ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 هزار فلسطينين جي قتل کانپوءِ انساني امداد جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ شرمناڪ آهي ۽ ڀارتي حڪومت جو فيصلو هن ملڪ جي سامراج مخالف پاليسي جي ابتڙ آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم فلسطيني قوم کي نقشي تان مٽائي رهيو آهي ۽ مودي سرڪار ان تي جشن ملهائي رهي آهي.
پريانڪا گانڌي چيو ته ڀارت پنهنجي اصولن ۽ عالمي قدرن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسرائيل جي ايران تي حملي ۽ عسڪري قيادت جي قتل تي خوشي جو اظهار ڪري رهيو آهي، جيڪو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.