آمريڪا يوڪرين مان ڊفينس سسٽم وچ اوڀر منتقل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ ڪئي آهي ته آمريڪا يوڪرين مان ڪجهه ميزائل ۽ ڊرون دفاعي نظام وچ اوڀر ۾ منتقل ڪيا آهن ته جيئن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران خطي ۾ موجود آمريڪي اهلڪارن ۽ مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي.
هڪ آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ پيٽ هيگسيٿ چيو ته هر هر پڇيو پيو وڃي ته ڇا آمريڪا يوڪرين مان ڪجهه دفاعي سسٽم وچ اوڀر منتقل ڪيا آهن، ته ان جو جواب آهي ها اسان ائين ڪيو آهي.
هن چيو ته اسان خطي ۾ موجود پنهنجي شهرين ۽ فوج جي تحفظ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.