اسرائيل جو تهران تي تازو حملو، ايران وري بيلسٽڪ ميزائل هلائي ڇڏيا

تهران + تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران تخت گاهه تهران تي حملي جي جواب ۾ اسرائيل تي وري بيلسٽڪ ميزائل هلائي ڇڏيا.
ايران طرفان ميزائل فائر ڪرڻ تي اتر ۽ وچ اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا ۽ اسرائيلي فوج شهرين کي شيلٽرز ۾ وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
اسرائيلي فوج موجب اسرائيلي فضائي دفاعي نظام جديد ترين ايراني ميزائل روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
هوڏانهن اسرائيلي حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي 30 جون تائين وڌائي ڇڏي آهي.
ان کان ڪجهه دير اڳ اسرائيل ايران جي تخت گاهه تهران ۾ مختلف هدفن کي نشانو بڻايو.
اسرائيلي فوج موجب 50 جهازن ذريعي 170 ايراني ملٽري هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته تهران ۾ پاسداران انقلاب ۽ ايراني دفاعي نظام سان جڙيل هدفن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران جي وچ علائقي ۾ ايراني پارليامينٽ جي عمارت ڀرسان ڌماڪن کانپوءِ باهه لڳي وئي، جڏهن ته تهران جي شاهراهه طالقاني ۽ ولي عصر ميدان ڀرسان علائقن ۾ ڌماڪا ٿيا.
عرب ميڊيا موجب تهران ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.