اسٽيل مل ملازمن جي بحالي وارو ٽربيونل جو فيصلو رد

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ليبر اپيليٽ ٽريبونل جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسٽيل ملز  جي 5 هزار کان وڌيڪ ملازمن جي بحالي ٻيهر روڪي وئي آهي، عدالت ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي بحالي بابت ليبر ٽريبونل جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل مجتبيٰ باجوه ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان اسٽيل گذريل 10 سالن کان بند آهي، ۽ ان دوران هڪ گرام به اسٽيل نه ٺهي آهي،وڪيل چيو ته جڏهن ادارو بند آهي، ته پوءِ ملازمن کي پگهارون ڪٿان ڏيون؟، هن وڌيڪ چيو ته ٽريبيونل جي فيصلي کان پوءِ به 125 ملازمن پنهنجا واجبات وصول ڪري ورتا آهن، جڏهن ته 29 اپريل تي ليبر ٽريبيونل ملازمن جي بحالي جو فيصلو ڏنو هو،ٽريبونل چيو هو ته جن ملازمن کي پنهنجون رهتون ناهن مليون، انهن کي بحال سمجهيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽريبونل جو اهو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.