ايران ۾ رجيم چينج جو خطرو موجود؟

اسلام آباد(اسدطور)اسرائيل ڪاھ جي جواب ۾ ايران پاران 200 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل مٿان اڇلايا ويا آھن بيلسٽڪ ميزائل نيوڪليئر وارھيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندوآھي. اسرائيلي آئرن ڊوم باوجود جديد ترين سسٽم ھئڻ جي ڪجھھ کان سواءِ ٻين ميزائلن کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو.ميزائلن جتي جتي ھٽ ڪيو ان بابت مغربي ميڊيا جي اسرائيل اندر موجود صحافين بھ فوٽيجز جاري ڪيا آھن.جن ۾ فاڪس نيوز جيڪو ٽرمپ جي ويجھو آھي،ان جو نمائندو اھو چئي رھيو ھيو تھ مان ست ورھين کان تل ابيب ۾ آھيان پر اسرائيل ۾ ايتري بمباري اڳ ۾ ناھي ڏٺي ڪيتريون عمارتون پوريون پوريون گھٽيون تباھ نظر اچن ٿيون.سمنڊ ڪناري ولاز مٽي جو ڍير بڻجي ويا آھن.ٻئي پاسي  ايران وٽ جيڪي جنگي جھاز آھن سي ايترا پراڻا آھن جو ڪنھن ٻئي ملڪ وٽ ھاڻي ناھن رھيا. پر ايراني ميزائلن جو اتي پھچڻ وڏي اھميت رکي ٿو.اسرائيلي اندازو آھي تھ جنگ ٻھ ھفتن تائين جاري رھي سگھي ٿي.ايران لاءِ ٻھ ھفتا جنگ ڪرڻ ھڪ ٽيسٽ آھي. ٻئي پاسي پرڏيھي ۾ جلاوطن رضا شاھ پھلوي جي پٽ يا شايد ڏوھٽي بيان ڏنوآھي تھ ھي ئي وقت آھي ايراني هن حڪومت جي خاتمي لاءِ اٿي کڙا ٿين.سو ايراني حڪومت کي اندازو آھي تھ ھر حال ۾ ھن صورتحال ۾ جوابي ڪارروائي ڪري نڪرڻوآھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.